زوب: ٻوڏ وهڪرن ۾ 2 گاڏيون لڙهي ويون، 3 ناريون، هڪ عورت فوت

بلوچستان جي ضلعي زوب واري علائقي سليازه ۾ ندي ۾ آيل ٻوڏ وهڪرن ۾ 2 گاڏيون لڙهي ويون جنهن جي نتيجي ۾ 3 ناريون، هڪ عورت فوت ٿي ويون. ليويز اختيارين موجب زوب جي علائقي سليازه ۾ تيز برسات کان پوءِ ندي ۾ چاڙهه اچي وئي جنهن جي نتيجي ۾ سليازه ندي ۾ بيٺل 2 گاڏيون پاڻي جي وهڪرن ۾ لڙهي ويون. ليويز اختياين ٻڌايو ته ٻوڏ وهڪرن ۾ لڙهي وڃڻ سبب هڪ عورت ۽ گاڏي ۾ 3 سوار ناريون فوت ٿي ويون جڏهن ته هڪ عورت کي بچايو ويو آهي جنهن کي طبي امداد لاءِ زوب اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. فوت ٿي ويل ماڻهن جو تعلق ملتان سان ٻڌايو پيو وڃي، اختيارين ٻڌايو ته تاريخي هنڌ سليازه ندي ۾ ٻوڏ وهڪرن سبب بيٺل  فصلن کي  به سخت نقصان پهتو آهي. ٻئي طرف ضلعي هرنائي جي علائقي کهوسٽ جي ندي ۾ ٻوڏ وهڪرن ۾ ڦاٿل ٽنهي ڄڻن کي ليويز اختيارين بچائي ورتو.