زوب ۾ قتل ٿيندڙ 9 مسافرن جو ڪيس داخل، لاش مٽيءَ ماءُ حوالي

بلوچستان جي ضلعي زوب ۾ پابندي مڙهيل بلوچ لبريشن آرمي جي دهشتگردي جو نشانو بنجندڙ 9 پنجابي مسافرن کي مٽيءُ ماءُ حوالي ڪيو ويو، مقتولن جو ڪيس زوب جي ٿاڻي ۾ داخل ڪيو ويو واضح رهي ته بلوچستان ۾ دهشتگردن بسن مان لاهي پنجاب سان تعلق رکندڙ 9 شهرين کي بيدردي سان قتل ڪري ڇڏيو هو. مارجي ويلن ۾ ديناپور جا 2 سڳا ڀائر، عثمان ۽ جابر، گجرات جو 23 ورهين جو بلاول، فيصل آباد جو شيخ ماجد، لاهور جو جنيد، مظفر ڳڙهه جو محمد آصف، ڊي جي خان جو محمد عرفان، خانيوال جو غلام سعيد ۽ گوجرانوالا جو صابر شامل آهن شهيدن جا مڙهه سخت سيڪيورٽي سندن اباڻي علائقن ڏانهن منتقل ڪيا ويا جتي انهن کي سندن وارثن جي حوالي ڪيو ويو، دنياپور ۾ جڏهن ٻن سڳن ڀائرن عثمان ۽ جابر جا لاش گڏ اٿيا ته علائقي ۾ قهرام مچي ويو، جنازي نماز ۾ علائقي جي رهواسين وڏي انگ شرڪت ڪئي ۽ ٻنهي ڀائرن کي چوڪ قريشي ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو
فيصل آباد جو رهواسي شيخ ماجد جيڪو لوارائي ۾ ڪپڙي جي ڪاروبار سان جڙيل هئو، انهي کي مقامي قبرستان ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو، سوڳوارن ۾ بيوه، والده ۽ 3 ڀائر ڀينرون شامل آهن. گجرات جي نوجوان بلاول کي به اباڻي علائقي ۾ مٽيءُ ماءُ حوالي ڪيو ويو، اهو دبئي کان تازو ئي ملڪ واپس پهتو هو جيڪو دوستن سان ملڻ جي لاءِ ڪوئٽه ويو هو لاهور جو جنيد ڪوئٽه ۾ پنهنجي ساهورن کان واپس اچي رهيو هو، جيڪو ساڳئي بس ۾ سوار هو جنهن کي دهشتگردن نشانو بنايو انهي کي به لاهور ۾ مٽيءُ ماءُ حوالي ڪيو ويو. جنيد جي شهادت تي علائقي ۾ سوڳ جي فضا برقرار آهي، وارثن حڪومت کان فوري طور تي انصاف جو مطالبو ڪيو.