بلوچستان جي ضلعي زيارت ۾ دهشتگردي جي انت واري اداري(سي ٽي ڊي) ۽ سيڪيورٽي فورسز سان فائرنگ جي ڏي وٺ دوران 7 دهشتگرد مارجي ويا آهن. رپورٽ موجب سي ٽي ڊي جي ذريعن جو چوڻ آهي ته زيارتي جي علائقي چوتير ۾ سي ٽي ڊي ۽ سيڪيورٽي فورسز سان چڪرين ۾ 7 دهشتگرد مارجي ويا. سي ٽي ڊي ذريعن جو چوڻ آهي ته مارجي ويل دهشتگردن جو تعلق پابندي مڙهيل تنظيم بلوچ لبريشن آرمي(بي ايل اي) سان آهي. سي ٽي ڊي ذريعن موجب ڪارروائي ڳجهي اطلاع تي ڪئي وئي. مارجي ويل دهشتگردن کان هٿيار به هٿ آيا آهن. جوابدار دهشتگردي جي مختلف ڪارروائين ۾ ملوث هئا.