سائين: جديد سنڌي قومپرستي جو بنياد رکندڙ، عالمي درجو رکندڙ عظيم سياستڪار، اديب، ڏاهي ۽ صوفي سائين جي ايم سيد جي 28 هين ورسي اڄ سن ۾ ملهائي وئي.اصول ۽ ضمير تي هلي اڪيلو رهجي وڃجي، بجاءِ ان جي ته خودي ۽ خود داري کي ختم ڪري ڪاميابي ۽ طاقت هٿ ڪجي.سن ۾ سيد مزار تي سيراندي ۽ پيراندي وٽ جيئي سنڌ جي مختلف ڌڙن طرفان جلسا منعقد ٿا، جن کي قوم پرست اڳواڻ خطاب ڪيو.سائين جي ايم سيد جي ورسي جي موقعي تي سن ۾ ايس يو پي جي ڪارڪنن طرفان مشعل بردار ريلي ڪڍي وئي، جڏهن ته سائين جي ايم سيد جي درياهه واري بنگلي تي پڻ راڳ رهاڻ ٿي، جنهن ۾ صوفي فنڪارن سرن جي ورکا ڪئي.سائين جي ايم سيد هر قوم جي مهذب ۽ زندهه دل هجڻ جو ثبوت سندس حسن پرستيءَ ۽ فطرت نگاريءَ تي مدار رکي ٿو.