موسميات کاتي موجب عرب سمنڊ مان ايندڙ سامونڊي طوفان بائپر جواءِ وڌيڪ شدت اختيار ڪري ويو آهي. ايندڙ 24 ڪلاڪ انتهائي اهم آهن. طوفان ڪراچي کان صرف 600 ڪلو ميٽر پري رهجي ويو آهي.موسميات کاتي موجب طوفان جتان کان به گذري رهيو آهي اتي سامونڊي لهرون 30 کان 40 فوٽ تائين اوچيون آهن. طوفان سبب هوائون 180 کان 200 ڪلو ميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان هلي رهيون آهن.پي ڊي ايم موجب بائپر جواءِ طوفان جو رخ ڪراچي طرف آهي. سامونڊي طوفان شهر کان 690 ڪو ميٽر پري آهي. ٺٽي جي اوڀر ۾ 670 ۽ اوماڙه جي ڏکڻ اولهه ۾ 720 ڪلو ميٽر جي فاصلي تي آهي. طوفان 14 جون تائين اتر طرف وڌي رهيو آهي. امڪان آهي ته 14 جون تي طوفان جو رخ ڏکڻ سنڌ ڪيٽي بندر طرف ٿي سگهي ٿو.اختيارين موجب سنڌ جي سامونڊي پٽي کي خطرو ٿي سگهي ٿو. موسميات کاتي امڪان ظاهر ڪيو آهي ته 15 جون تي طوفان ڪيٽي بنڊر گجرات جي وچ ۾ ڪنهن به جڳهه سان ٽڪرائجندو.موسميات کاتي خبردار ڪيو آهي ته اڄ کان ڪراچي ۾ طوفان جا اثر نظر اچڻ شروع ٿي ويندا. ڪراچي ۾ هيٽ اسٽروڪ جي صورتحال پيدا ٿي سگهي ٿي. 13 جون کان 16 جون وچ ۾ ڪراچي ۾ برسات جو امڪان آهي.