سامونڊي طوفان بپرجوئي ڪمزور ٿي ٿرپارڪر ۽ ڀارتي راجسٿان ۾ ڊپريشن بڻجي ويو آهي.موسميات کاتي موجب ڊپريشن ڪمزور ٿي ڀارت جي راجسٿان ۾ گهٽ دٻاءُ واري علائقي ۾ تبديل ٿيڻ جو امڪان آهي.موسميات کاتي موجب اڄ ٿرپارڪر، عمرڪوٽ ۽ بدين ۾ تيز هوائن ۽ گجگوڙ سان برسات جو امڪان آهي، هوائن جي رفتار 30 کان 40 ۽ گجگوڙ 50 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان هلي سگهي ٿي.موسميات کاتي موجب ٺٽي، سجاول ۽ ميرپورخاص ۾ گجگوڙ سان برسات جو امڪان آهي.موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته بلوچستان جا ماهيگير اڄ کان پنهنجون سرگرميون شروع ڪري سگهن ٿا، جڏهن ته سنڌ جا ماهيگير سڀاڻي کان پنهنجون سرگرميون شروع ڪري سگهن ٿا.