سامونڊي طوفان جا اثر: موسميات کاتي ڪراچي، حيدرآباد ۾ اڄ ۽ سڀاڻي تيز برسات جا امڪان ظاهر ڪري ڇڏيا

موسميات کاتي ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ اڄ ۽ سڀاڻي(جمعي) تي تيز برسات جا امڪان ظاهر ڪري ڇڏيا آهن.موسميات کاتي موجب ٽنڊومحمدخان، ٽنڊوالهيار، ميرپورخاص، حب ۽ لسبيله ۾ به 16 جون تائين تيز برسات جو امڪان آهي. جڏهن ته 80 ڪلو ميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان هوائون به لڳي سگهن ٿيون.طوفان دوران ڪيٽي بندر ۽ چوڌاري سامونڊي ويرون 8 کان 12 فٽ بلند ٿي سگهن ٿيون. سامونڊي طوفان بائپر جواءِ جي اثر سبب اربع تي ڪراچي ۾ ڪٿي هلڪي ته ڪٿي تيز برسات پئي جڏهن ته ڪيٽي بندر، سجاول ۽ ٿرپارڪر ۾ به ڪڪر وسيا. ميرپورخاص ۽ عمرڪوٽ ۾ به تيز هوائون لڳيون.