سامونڊي طوفان بائپر جواءِ جو ڪراچي کان فاصلو گهٽ ٿي 340 ڪلو ميٽر رهجي ويو. جڏهن ته طوفان پنهنجو رخ تبديل ڪري ورتو آهي، ڪنهن به اڻوڻندڙ واقعي کي منهن ڏيڻ لاءِ پاڪ فوج جا حفاظتي جٿا به تيار آهن.موسميات کاتي سامونڊي طوفان جي حوالي سان 19هون الرٽ جاري ڪري ڇڏيو آهي. جنهن موجب شديد نوعيت جي سامونڊي طوفان بائپر جواءِ جي اتر، اوڀر اولهه طرف اڳڀرائي جاري آهي. سامونڊي طوفان جو 6 ڪلاڪن دوران اتر اوڀر طرف سفر جاري آهي.موسميات کاتي موجب سامونڊي طوفان ڪراچي جي ڏکڻ کان 340 ڪلو ميٽر، ٺٽي جي ڏکڻ کان طوفان 355 ڪلو ميٽر ۽ ڪيٽي بندر کان 275 ڪلو ميٽر پري آهي. طوفان جي مرڪز ۾ هوائون 180 ڪلو ميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان هلي رهيون آهن. جڏهن ته طوفان جي مرڪز ۽ چوڌاري 30 فوٽ جون ڊگهيون ڇوليون اٿي رهيون آهن.ان کان اڳ گذريل ٻن ڏينهن دوران طوفان جو رخ لاڳيتو اتر طرف رهيو پر هاڻ اوڀر اولهه جي طرف مڙيو آهي. انهي ٽريڪ جي رستي ۾ ڏوراهين سنڌ جي سامونڊي پٽي به واقع آهي. طوفان جي امڪاني اثرن ۾ ڏوراهين سنڌ جا سامونڊي علائقا کارو ڇاڻ، گهوڙا ٻاري، بدين ۽ ٺٽو به اچي سگهن ٿا.موسميات کاتي اڳڪٿي ڪري ڇڏي آهي ته 14 جون تي سامونڊي طوفان اولهه اوڀر طرف وڌندو ۽ 15 جون جي ٻنپهرن تي طوفان ڏکڻ اولهه سنڌ ۾ ڪيٽي بندر ۽ ڀارتي شهر گجرات سان ٽڪرائجندو.