سامونڊي طوفان: ماڻهن جي محفوظ هنڌن ڏانهن منتقلي کان سواءِ ٻيو ڪو حل نه آهي: وڏو وزير

سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته سامونڊي طوفان کي نظر ۾ رکندي سامونڊي پٽي تان ماڻهن جي لڏ پلاڻ جو سلسلو سڄي رات رهيو جنهن دوران 40 هزار 800 مان 8800 ماڻهن کي محفوظ هنڌن تي منتقل ڪيو ويو آهي.پنهنجي هڪ بيان ۾ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته ڪيٽي بندر جي 13 هزار جي آبادي خطري ۾ آهي جن مان 3 هزار ماڻهن کي رات دير تائين محفوظ هنڌن تي منتقل ڪيو ويو آهي. گهوڙا ٻاري جي 5 هزار آبادي خطري ۾ آهي جتان کان 100 ماڻهن کي جڏهن ته شهيد فاضل راهو جي 4 هزار ماڻهن جي آبادي مان 3 هزار ماڻهن کي محفوظ هنڌن تي منتقل ڪيو ويو آهي.مراد علي شاهه موجب بدين جي اڍائي هزار ماڻهن جي آبادي کي سامونڊي طوفان مان خطرو آهي جن مان 540 ماڻهن کي محفوظ هنڌن تي منتقل ڪيو ويو آهي. شاهه بندر جي 5 هزار ماڻهن مان 90 ماڻهن کي ۽ جاتي مان 10 هزار مان 100 ماڻهن کي رات دير سان محفوظ هنڌن تي منتقل ڪيو ويو آهي. کارو ڇاڻ مان 1300 ماڻهن جي آبادي کي خطرو آهي جن مان 60 ماڻهن کي رات دير سان محفوظ هنڌن تي منتقل ڪيو ويو آهي.وڏي وزير چيو ته ماڻهو گهر ڇڏڻ نٿا چاهين. محفوظ هنڌ تي منتقلي کان سواءِ ٻيو ڪو حل نه آهي. عوام انتظاميه سان تعاون ڪري ۽ محفوظ هنڌن تي منتقل ٿي وڃي.