سانگهڙ: زميني تڪرار تان چاچن ۽ ڀائٽين ۾ جهيڙو، 2 ڄڻا قتل، 3 زخمي

سانگهڙ: ورڪشاپ ويجهو اقبال مور اسٽاپ لڳ زمين جي تڪرار تان چاچن ۽ ڀائٽين ۾ جھيڙو فائرنگ ۾ ٻه ڄڻا قتل ٿي پيا آهين جڏهين ٽي ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن.هوڏانهن اهڙي جهيڙي جي اطلاع تي منگلي سانگهڙ جي پوليس جهڙي واري هنڌ پهچي مارجي ويلن جا لاش ۽ زخمي کي سانگهڙ سول اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي مارجي ويلن جي سڃاڻپ زمان مگسي ۽ سڀاڳو خان مگسي طور ٿي آهي.هوڏانهن واقعي بعد ٻنهي ڌرين ۾ فائرنگ جو سلسلو جاري آهي پوليس وڏي انگ ۾ نفري طلب ڪري ورتي. منگلي پوليس پوليس موجب جهيڙو چاچن ۽ ڀائٽين جي ٻنهي ڌرين ۾ زمين جي تڪرار تان پيش آيو آهي جنهن ۾ ٻنهي ڌرين جا ٻه ڄڻا قتل ۽ ٽي ڄڻا زخمي ٿي پيا آهي.جهيڙي ۾ مارجي ويلن جا لاش ضروري ڪاروائي بعد وارثن حوالي ڪيا ويندا هوڏانهن هن وقت به ڌرين ۾ فائرنگ جو سلسلو جاري آهي جنهن سبب علائقي ۾ خوف حراس ڇانيل آهي.