سانگهڙ: ڪارنهن الزام هيٺ مامي هٿان ڀاڻيجي قتل، مک جوابدار گرفتار

سانگهڙ ڀرسان ڪارنهن جي الزام هيٺ مامي هٿان ڀاڻيجي قتل، مک جوابدار گرفتار رپورٽ موجب سانگهڙ ڀرسان  منگلي ٿاڻي جي حد  ڳوٺ ميهنل انڙ مامي پاران پنهنجي ڀاڻيجي کي  ڪارنهن جي الزام هيٺ  گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو هوڏانهن اهڙي واقعي جي اطلاع تي ورڪشاپ پوليس واقعي واري هنڌ پهڇي  قتل ٿي ويل عورت جي لاش کي تعويل وٺي سول اسپتال سانگهڙ پهڇايو جتي قتل ٿص ويل عورٿ جي  سڃاڻپ 22 سالا اقراء انڙ طور ٿي آهي جنهن جو لاش ضروري ڪاروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويندو. رابطو ڪرڻ ورڪشاپ ٿاڻي جو انچارج ٻڌايو ته جوابدار شانو انڙ پنهنجي ڀاڻجي22  ورهين جي اقرا انڙ کي رات دير سان  ڪارنهن جي الزام ۾ گوليون هڻي  قتل ڪرڻ بعد فرار ٿي ويو هو جنهن  کي پوليس ناڪابندي دوران هٿيار سميت گرفتار ڪيو آهي  وڌيڪ جانچ ڪري رهيا آهيون  هوڌانهن قتل ٿي ويل عورت جو لاش گهر پهڇڻ تي قهرام مچي ويو آهي