سرگودها ويجهو مسافر وين ۾ سلينڊر ڦاٽڻ سبب 7 مسافر فوت ٿي ويا آهن. حادثي جي اطلاع ملندي ئي ريسڪيو ٽيمون واقعي واري هنڌ پهچي ويون، مسافر وين ۾ باهه لڳڻ سبب 5 ڄڻا ٿڏي تي فوت ٿي ويا. جڏهن ته 2 زخمي علاج دوران حياتي وڃائي ويٺا.پوليس موجب اهو واقعو سرگودها جي علائقي بهلوال ۾ پيش آيو جتي مسافر وين ۾ گيس سلينڊر ڦاٽي پيو. واقعي جي اطلاع ملڻ تي پوليس ۽ ايمبولينس موقعي تي پهچي ويون. جڏهن ته ريسڪيو اهلڪارن متاثر ماڻهن کي طبي امداد لاءِ اسپتال منتقل ڪيو.پوليس موجب وين ۾ 21 مسافر سوار هئا. سلينڊر ڌماڪي جي نتيجي ۾ 7 ڄڻا فوت ۽ 14 زخمي ٿي پيا آهن. حادثو ان وقت پيش آيو جڏهن وين مسافرن کي کڻي بهلوال کان ڪوٽ مومن وڃي رهي هئي.ٻئي طرف پنجاب جي نگران وڏي وزير محسن نقوي مسافر وين ۾ سلينڊر ڦاٽڻ واري واقعي جو نوٽيس وٺندي ڪمشنر ۽ آر پي او سرگودها کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.محسن نقوي واقعي جي جاچ جو حڪم ڏيندي زخمين کي علاج جون بهترين سهولتون ڏيڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي.