مسلم ليگ (ن) جي سينيئر اڳواڻ خواجه سعد رفيق ٻوڏ متاثرين ۾ چيڪ ورهائڻ کان اڳ ڪيمرا بند ڪرائڻ جي هدايت ڪئي. خواجه سعد رفيق باجوڙ ۾ ٻوڏ متاثرين لاءِ چيڪس ورهائڻ جي تقريب ۾ شرڪت ڪئي، جتي خطاب ڪندي هن چيو ته “اسان هڪ ٻئي جا ڏک ورهايا آهن، پر مان نٿو سمجهان ته امداد ورهائڻ وقت تصويرون ٺاهڻ مناسب آهي، تنهن ڪري گذارش آهي ته چيڪ ورهائڻ وقت ڪيمرا بند ڪيا وڃن.” سعد رفيق جو وڌيڪ چوڻ هو ته متاثرن جي عزت نفس جو خيال رکڻ سڀ کان اهم آهي، ان لاءِ امداد کي ڏيکارڻ بدران عملي مدد تي ڌيان ڏيڻ گهرجي.