سعودي عرب، گڏيل عرب امارات ۽ نار جي رياستن ۾ عيدالاضحيٰ اڄ ملهائي پئي وڃي، مسجد الحرام مڪه مڪرمه ۽ مسجد نبوي مدينه منوره ۾ عيد جي نماز ادا ڪئي وئي. عيد نماز بعد سنت ابراهيمي جي ادائيگي جاري، حج پانڌيئڙا وڏي شيطان جي رمي ۾ مصروف، مڪه مڪرمه ۾ حج پانڌيئڙن قرباني بعد مٿو ڪوڙي احرام کولي ڇڏيا، سادن ڪپڙن ۾ طواف ۽ زيارت لاءِ مسجد الحرام جو رخ، گڏيل عرب امارات، ايران ۽ عراق ۾ به عيد الاضحيٰ ملهائي پئي وڃي. پشاور سميت ڪي پي ڪي جي ڪيترن ئي علائقن ۾ افغان پناهگير اڄ عيد ملهائي رهيا آهن. پاڪستان ۾ بوهري ڪميونٽي عيدالاضحيٰ روايتي جوش ۽ خروش سان ملهائي رهي آهي، عيد نماز جي اجتماع بعد بوهري برادري طرفان سنت ابراهيمي جي ادائيگي جاري، پاڪستان، ڀارت ۽ ٻين ملڪن ۾ سڀاڻي عيد الاضحيٰ ملهائي ويندي.