اسلام آباد: جنگ سٽيل ملڪ سوڊان مان پاڪستانين جي حفاظت سان ملڪ واپسي جو پلان ڪامياب ٿي ويو.72 ڪلاڪن کان جاري خصوصي هنگامي پلان جي نگراني وزيراعظم شهباز شريف پاڻ ڪري رهيو هو. 427 پاڪستاني حفاظت سان پورٽ سوڊان پهچي ويا. جتان کان هو پاڪستان پهچندا. 427 پاڪستانين جي رهائش، خوراڪ جو انتظام به پاڪستان جي حڪومت حوالي ڪيو ويو هاي. پاڪستانين جي واپسي لاءِ دوست ملڪ ۽ خطي ۾ پاڪستاني سفارتخانا به مدد ڪري رهيا آهن.وزيراعظم شهباز شريف، پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري، حنا رباني کهر ۽ پرڏيهي وزارت جي اختيارين سوڊان ۾ پاڪستان جي سفير جي محنتن ۽ پاڪستانين جي واپسي جي پلان کي ڪامياب ٿيڻ تي مبارڪباد ڏني.