سعودي عرب، متحده عرب امارات ۽ قطر ۾ اڄ عيدالفطر ملهائي پئي وڃي. سعودي عرب سميت ڪيترن ئي عرب رياستن ۾ شوال جو چنڊ نظر اچڻ کان پوءِ اڄ عيدالفطر مذهبي جوش جذبي سان ملهائي پئي وڃي. سعودي سپريم ڪوسنل جي نگراني هيٺ ڪالهه شام ملڪ جي مختلف شهرن ۾ چنڊ ڏٺو ويو جنهن کان پوءِ پهرين شوال جو اعلان ڪيو ويو. مسجدالحرام ۽ مسجد نبوي صه ۾ عيدالفطر جي نماز جا وڏا اجتماع منعقد ڪيا ويا جتي لکين ماڻهن عيد جي نماز ادا ڪئي. عيدالفطر جي خطبي کان پوءِ عالم اسلام جي سلامتي ۽ خوشحالي جي لاءِ خصوصي دعائون ڪيون ويون. هوڏانهن عمان، انڊونيشيا، ايران، برونائي، آسٽريليا، ڀارت ۽ بنگلاديش ۾ چنڊ نظر نه اچڻ سبب ۾ عيدالفطر سومر تي ملهائي ويندي جڏهن ته برطانيه ۾ مسلم ڪميونٽي ورهايل آهي، ڪجهه اڄ ۽ ڪجهه سومر تي عيد ملهائيندا. پاڪستان سميت ڪيترن ئي ايشيائي ملڪن ۾ عيد جو چنڊ سڀاڻي ڏٺو ويندو. هوڏانهن اهو خيال ڪيو پيو وڃي ته امڪاني طور تي دنيا جي وڌيڪ ملڪن ۾ عيد هڪ ئي ڏينهن يعني سومر 31 مارچ تي ملهائي ويندي.