سعودي عرب جي جازان ريجن جي بني مالڪ ڪميشنري ۾ خوفناڪ ٽريفڪ حادثو پيش آيو، جنهن ۾ ڊرائيور سميت 4 استانيون حياتي وڃائي ويٺيون، جڏهن ته ٻه استانيون سخت زخمي ٿي ويون آهن.سعودي خبر رساں ادارن موجب زخمين کي هلال احمر جي ٽيم ڪنگ فهد سينٽرل اسپتال منتقل ڪيو، جتي انهن کي آءِ سي يو ۾ داخل ڪيو ويو آهي ۽ سندن حالت نازڪ ٻڌائي پئي وڃي. عيني شاهديون ٻڌائين ٿيون ته گاڏي ۾ 6 استانيون سوار هيون ۽ حادثي جي شدت سبب گاڏي قلابازيون کاڌيون ۽ پري وڃي ڪري پئي.هوڏانهن سعودي جنرل ٽرانسپورٽ اٿارٽي ٽرانسپورٽ جي حوالي سان نون ضابطن جو اعلان ڪيو آهي. نون قانونن موجب غيرقانوني طريقي سان ٽرانسپورٽ جو ڪم ڪندڙن تي 11 هزار کان 20 هزار رِيال تائين جرمانو ٿيندو.اٿارٽي موجب خاص طور تي نجين گاڏين کي ٽيڪسي طور استعمال ڪرڻ، غيرقانوني طريقي سان سوارين کي کڻڻ ۽ عوامي جڳهن تي آواز ڏئي سواريون وٺڻ تي پابندي هوندي. اهڙي عمل تي 11 هزار رِيال تائين ڏنڊ لاڳو ڪيو ويندو.