سعودي عرب ۾ عمري لاءِ ويندڙ زائرين جي بس حادثي جو شڪار ٿيڻ سبب 3 عورتن سميت 5 پاڪستاني فوت ٿي ويا. عمرو ڪندڙ زائرين جي بس البدر کان مدينه منوره ويندي ٽرالر سان ٽڪرائجي حادثي جو شڪار ٿي بس ۾ سوار ڪيترائي عمرو ڪندڙ زائرين زخمي به ٿي پيا آهن. ريسڪيو ذريعن موجب لاشن ۽ زخمين کي ويجهين اسپتالن ۾ منتقل ڪيو ويو آهي، زخمين ۾ عورتون، ٻار ۽ بزرگ به شامل آهن. ذريعن موجب فوت ٿي ويل عورتن مان ٻن عورتن جو تعلق ضلعي بهاوالنگر جي ڳوٺ 228 نائن آر سان آهي ۽ ٽئين عورت جو تعلق بهاوالنگر جي ڏوراهين ڳوٺ 201 مراد سان آهي. مردن ۾ هڪ بزرگ جو تعلق ڏوراهين ڳوٺ 39 ٿري آر سان آهي، ٻئي بزرگ جو تعلق ڏاهرانواله شهر سان ٻڌايو پيو وڃي. زخمين کي اسپتال ۾ طبي ڏني پئي وڃي.