سعودي عرب مان پاڪستان پهچندڙ عورت ۾ منڪي پاڪس جي تصديق

سعودي عرب کان پاڪستان پهچندڙ هڪ ٻئي مسافر ۾ پنڪي پاڪس جي تصديق ٿي آهي.مڪي پاڪ کان اڄ اسلام آباد پهچندڙ عورت ليب ٽيڪنيشن منڪي پاڪس جي مريض نڪتي.پمز جي ماهرن موجب منڪي پاڪس سان متاثر 19 ورهين جي عورت جو آئسوليشن وارڊ ۾ علاج ڪيو پيو وڃي.صحت جي قومي اداري موجب هيل تائين سعودي عرب مان پاڪستان آيل 4 ڄڻن ۾ منڪي پاڪس جي تصديق ٿي چڪي آهي، اسلام آباد ايندڙ ٽن ۽ ڪراچي ايندڙ هڪ ڄڻي ۾ منڪي پاڪس جي تصديق ٿي آهي.صحت جي قومي اداري جو چوڻ آهي ته پاڪستان ۾ منڪي پاڪس مقامي سطح تي پکڙجڻ جون ڪي شاهديون ناهن مليون.