سفارتي لاڳاپا: ايران پنهنجو وفد سعودي عرب اماڻڻ جو فيصلو ڪري ورتو

تهران: سعودي عرب ۽ ايران وچ ۾ سفارتي لاڳاپن جي بحالي لاءِ ٻنهي ملڪن طرفان اڳڀرائي جو سلسلو جاري آهي.عرب ميڊيا موجب سعودي عرب طرفان ٽيڪينيڪي وفد تهران اماڻڻ کان پوءِ هاڻ ايران به پنهنجو وفد سعودي عرب اماڻڻ جو فيصلو ڪيو آهي جنهن جي جمعي تائين سعودي عرب وڃڻ جو امڪان آهي.ميڊيا رپورٽن موجب ايران طرفان وفد سعودي عرب اماڻڻ جو مقصد ٻنهي ملڪن وچ ۾ سفارتي لاڳاپن جي بحالي جا رستا وڌيڪ هموار ڪرڻ آهي.مقامي ميڊيا موجب ايران جي ڊپٽي پرڏيهي وزير سرڪاري ٽي وي تي ڏنل بيان ۾ چيو ته اسان پرڏيهي وزارت جو هڪ وفد جمعي تائين سعودي عرب اماڻڻ تي غور ڪري رهيا آهيون. ان سلسلي ۾ 2 ڌار ڌار وفد جده ۽ رياض ويندا.ياد رهي ته سعودي عرب ۽ ايران 2016 کان پوءِ سفارتي لاڳاپن جي بحالي جو فيصلو ڪيو، جنهن کان پوءِ ٻنهي ملڪن جي پرڏيهي وزيرن جي ملاقات به ٿي چڪي آهي. جڏهن ته ايراني صدر سعودي بادشاهه شاهه سلمان طرفان سعودي عرب جي دوري جي دعوت به قبولي ورتي آهي.