سينئر قانوندان لطيف کوسه چيو آهي ته سلام آ مريم نواز کي، جيڪي پهرئين ڏينهن چيائين اهو ڪري ڏيکاريائين، هن چيو هو ته انهن کي ائين ئي چِٿينداسين، جيئن ن ليگ کي چٿيو ويو.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ صحافين سان ڳالهائيندي لطيف کوسه چيو ته ليول پليئنگ فيلڊ ئي ته سڄي ايجنڊا آهي، مريم نواز جيڪو چيو هو اهو ڪري ڏيکاريو، مريم نواز چيو هو ته انهن کي ائين ئي ڪرش ڪنداسين، جيئن ن ليگ کي ڪيو ويو.هن چيو ته مريم نواز هاڻ پنهنجي پيءَ کي وٺي ايندي، جيڪو پارڪ لين ۾ ويٺو آهي، نواز شريف اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جو مفرور آهي، ريڊ وارنٽ نڪتل آهن.سندس چوڻ هو ته بلاول ڀٽو پاناما ليڪس اچڻ کانپوءِ منهنجي سربراهي ۾ ڪميٽي جوڙي، ڪميٽي پاناما ليڪس کانپوءِ نواز شريف خلاف ڪيس ڪيا هئا، پاناما ڪيس فول پروف ۽ ڪرپشن جا اوپن اينڊ شٽ ڪيس هئا.لطيف کوسه نواز شريف تي تنقيد ڪندي چيو ته هو ويٺو به پارڪ لين ۾ آهي ۽ مڃي به نٿو.