سماجي اڳواڻ جبران ناصر جي اغوا جو ڪيس داخل

ڪراچي : ۾ سماجي اڳواڻ جبران ناصر جي اغوا جو ڪيس داخل ڪيو ويو.جبران ناصر جي گهرواري منشا پاشا مڙس جي مبينا اغوا تي ڪيس جي درخواست ڪلفٽن ٿاڻي ۾ جمع ڪرائي هئي.منشا پاشا درخواست ۾ چيو ته ڊفينس فيز 5 ڀرسان گذرندي اسان جي گاڏي اڇي ڊبل ڪيبن سان ٽڪرائي، سلور رنگ جي ٻي گاڏي اسان جي گاڏي جو اڳيان رستو روڪيو.درخواستگذار موجب ٻنهي گاڏين ۾ تقريبن 15 هٿياربند موجود هئا، منهنجي مڙس کي اهي زبردستي گاڏي مان لاهي پاڻ سان گڏ وٺي ويا.منشا پاشا درخواست ۾ چيو آهي ته پوليس منهنجي درخواست تي ڪيس داخل نه پئي ڪري، جنهن لاءِ سڀاڻي عدالت سان رابطو ڪنديس.پوليس موجب جبران ناصر جي گهرواري جي فرياد تي اڻڄاتل ماڻهن خلاف ڪلفٽن ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ اغوا جا قلم شامل ڪيا ويا آهن.