سموري دنيا ۾ رهندڙ ڪشميري اڄ يوم شهداءِ ڪشمير ملهائي رهيا آهن

سموري دنيا ۾ رهندڙ ڪشميري اڄ يوم شهداءِ ڪشمير ملهائي رهيا آهن، سموري دنيا ۾ رهندڙ ڪشميرين طرفان 13 جولاءِ 1931 ۾ شهيد ٿيندڙ 22 شهيدن جي ياد ۽ انهن کي خراج تحسين پيش ڪرڻ جي لاءِ اڄ يوم شهداءِ ملهايو پيو وڃي يوم شهداءِ ڪشمير جي موقعي تي تحريڪ آزادي جي سمورن ڪشميري شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪيو پيو وڃي. اهو ڏينهن ملهائڻ جي اپيل ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس طرفان ڪئي وئي آهي. جڏهن ته سمورين حريت پسند تنظيمن ۽ اڳواڻن انهي جي حمايت پڻ ڪئي آهي شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ جي لاءِ آزاد ڪشمير، پاڪستان ۽ سموري دنيا جي اهم ملڪن ۾ ريليون ڪڍيون وينديون ۽ سيمينار، ڪانفرنس جو اهتمام ڪيو ويندو انهي موقعي تي صدر پاڪستان آصف علي زرداري چيو آهي ته اڄ ڪشميري جنهن جدوجهد کي اڳيان وڌائي رهيا آهن اها انهن ئي 22 شهيدن جي قربانين جو تسلسل آهي، پاڪستان ڪشميري ڀيڻ ڀائرن جي جرئت، حوصلي، قربانين کي سلام پيش ڪري ٿو هوڏانهن وزيراعظم شهباز شريف يوم شهداءِ ڪشمير تي چيو ته اهو ڏينهن ڪشمير جي مسلمانن جي استقامت، مزاحمت ۽ اڻکٽ ارادن جي ياد دهاني ڪرائي ٿو. پاڪستان جمون، ڪشمير جي مسلمانن جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو.