پاڪستان ۾ اڄ (7 سيپٽمبر) يومِ فضائيه وڏي قومي جوش ۽ جذبي سان ملهايو پيو وڃي. هن ڏينهن کي ملهائڻ جو مقصد 1965ع جي پاڪ-ڀارت جنگ دوران پاڪ فضائيه جي جانبازن جي بهادري، قربانين ۽ شجاعت کي خراجِ تحسين پيش ڪرڻ آهي. 1965ع جي جنگ ۾ پاڪ فضائيه جي شاهينن دشمن جا ارادا ناڪام بڻائي ڇڏيا ۽ پنهنجي بي مثال جرات سان ملڪ جو دفاع ڪيو. پاڪ فضائيه جي ڪارنامن سبب پاڪستان جو نالو دنيا جي صفِ اوّل جي فضائي فورسز ۾ شامل ٿيو. پاڪ فضائيه جي تاريخ جو سڀ کان يادگار باب اسڪواڊرن ليڊر ايم ايم عالم لکيو، جنهن صرف ڪجهه منٽن ۾ دشمن جا پنج جهاز تباهه ڪري تاريخ رقم ڪئي. ان کانسواءِ 6 ۽ 7 سيپٽمبر تي پاڪ فضائيه ڀارتي فضائيه جا پنجاهه کان وڌيڪ جهاز ڪيرائي جنگ جو رخ بدلائي ڇڏيو. يوم فضائيه جي موقعي تي شھيد پائلٽ آفيسر راشد منهاس (نشانِ حيدر) جي مزار تي به تقريب منعقد ڪئي وئي. تقريب ۾ پاڪستان ايئر فورس جي دستي سلامي پيش ڪئي، جڏهنته مهمانِ خصوصي ايئر وائس مارشل عامر شهزاد شهيد جي مزار تي گل رکيا ۽ فاتحه خواني ڪئي.