ممبئي: ڀارتي ميڊيا تي بالي ووڊ جي سينيئر اداڪار سني ديول جي پٽ ڪرن ديول ۽ ڀارتي فلم ڊائريڪٽر بيمل راءِ جي پوٽيءَ دريشا راءِ جي مڱڻيءَ جون خبرو سامهون اچي رهيون آهن.ڪرن ديول ۽ دريشا ديول جي مڱڻي, سندن ڏاڏي ڌرميندرا ۽ڏاڏي پرڪاش ڪور جي شادي جي سالگرهه جي ڏينهن ڪجهه مهينا اڳ ٿي چڪي آهي ۽ هاڻ ٻڌايو پيو وڃي ته ٻنهي جي شادي جون تياريون شروع ٿي چڪيون آهن جڏهن سندن شادي ايندڙ مهيني (جون) ۾ طئي آهي.سني ديول جي وڏي پٽ ڪرن ديول جي مڱيندي جو واسطو فلم انڊسٽري سان ناهي.ڀارتي ميڊيا موجب 32 ورهين جي ڪرن ديول مڱڻي ۽ شادي جي حوالي پنهنجي پيءُ ۽ خاندان جي دعائن تي گھڻو خوش آهي.ياد رهي ته ڪرن ديول به پنهنجي پيءُ، ڏاڏي ۽ چاچي جيان بالي ووڊ سان سلهاڙيل آهي ۽ هو ايندڙ فلم ”اپني ٽو“ ۾ نظر ايندو.