سنڌ:اسيمبليءَ جا 50 سيڪڙو ميمبر پنجين سال به خاموش رهيا!

سنڌ: اسيمبلي جي پنجاهه سيڪڙو ميمبرن بجيٽ سڪيشن دوران پنهنجي روايت برقرار رکندي هڪ لفظ ڳالهائڻ کان پاسو ڪيو.سنڌ اسيمبلي جي بجيٽ سيشن دوران 168 مان 50 سيڪڙو ميمبرن پنجين سال به خاموشي اختيار ڪئي ۽ ڪنهن قسم جو مطالبو يا تجويز ايوان ۾ پيش نه ڪئي.پيپلزپارٽي جي 99 مان 48 ميمبرن پنهنجي حڪومت جي بجيٽ تي خيالن جو اظهار ڪرڻ ضروري نه سمجهيو.موجودا سنڌ اسيمبلي جي آخري ۽ پنجين بجيٽ اجلاس ۾ پي ٽي آءِ جي اپوزيشن ليڊر حليم عادل سميت ٻيا 26 ميمبر شريڪ نه ٿيا، تحريڪ انصاف جي صرف ٻن ميمبرن بجيٽ تي بحث ۾ حصو ورتو.ايم ڪيو ايم جا 21 مان 20 ميمبر بجيٽ سيشن ۾ شريڪ ٿيا، جن مان 19 ميمبرن ست ڪلاڪ اڻويهه منٽن تائين گڏيل طور تقريرون ڪيون.ايم ايم اي جي ايم پي ايم عبدالرشيد بجيٽ تي تنقيدي گفتگو ڪندي ڪرپشن جو ذڪر ڪيو، جڏهن ته مختلف اسڪيمن بابت ايوان کي آگاهه ڪندي لياري لاءِ اسڪيمن جو مطالبو ڪيو.جي ڊي ڊي سان واسطو رکندڙ ايم پي اي نصرت سحر عباسي ڪيئي مهينن کان پرڏيهه ۾ هئڻ سبب بجيٽ سيشن ۾ شريڪ نه ٿي.جي ڊي جي شڪارپور مان چونڊي ايم پي اي شهريار مهر سنڌ اسيمبلي جي بجيٽ سيشن ۾ تقرير کان پاسو ڪيو، جيتوڻيڪ هو گذريل بجيٽ اجلاسن ۾ سڀ کان وڌيڪ تفصيلي ۽ انگن اکرن جي بنياد تي تقرير ۽ پيپلز پارٽي جي گورننس تي تنقيد ڪندو رهيو آهي.گڏيل طور جي ڊي اي جي 14 مان 6 ايم پي اي اسيمبلي بجيٽ اجڪلاس ۾ هڪ ڪلاڪ 56 منٽن تائين تقريرون ڪيون.تحريڪ لبيڪ جي ٽن مان ٻن ايم پي ايز بجيٽ سيشن ۾ شرڪت ڪئي ۽ 55 منٽ تقريرون ڪيون.