“سنڌو تي ڌاڙو نامنظور: گڊو بئراج تي جي يو آءِ سنڌ جو احتجاجي ڌرڻو”

ڪشمور سنڌو بچايو سنڌ بچايو” سنڌو درياءَ مان 6 ڪئنال ڪڍڻ واري فيصلي خلاف جي يو آء سنڌ جي سڏ تي ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي ڪارڪنن پاران گڊو بيئراج پل جي وچ ۾ گيٽ نمبر 30 وٽ شاميانو لڳائي جي يو آئي سنڌ جي امير عبدالقيوم ھاليجوي، جنرل سيڪريٽري جي علامه راشد محمود سومرو، انفارميشن سيڪريٽري ڊاڪٽر اي جي انصاري، سنڌ جي ناظم مولانا محمد اسحاق لغاري، ڪشمور ضلعي جي صدر مولانا حافظ سراج احمد چنہ، جنرل سيڪريٽري جمال الدین اوڳاھي، مولانا بشير احمد شر، مولانا نعيم ﷲ لغاري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڌرڻو هنيو ويو، جڏهن ته ڌرڻي سبب سنڌ پنجاب ۽ بلوچستان ڏانهن ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل ٿي وئي، جڏهن ته ڌرڻي دوران ڪئنال ٺاھيندي پادر کائيندي، ڪئنال سمورا نامنظور جا زوردار نعرا لڳايا ويا جڏهن ته ان موقعي تي ڌرڻي کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته سنڌو بچايو سنڌ بچايو مھم جي سلسلي ۾ جميعت علماء اسلام سنڌ پاران اڄ سنڌ جي ٽن بيئراجن ۽ 4 پلن تي سنڌو درياءَ مٿان 6 ڪئنال ڪڍڻ واري وفاقي فيصلي خلاف احتجاج رڪارڊ ڪرائڻ ۽ ٻيو ڌرڻي شريڪ ماڻهون ڏسي وٺن ته وفاق ڪيئن اسان جي وھندڙ درياءَ تي ڌاڙو ھڻي پاڻي چورائي رهيو آهي ۽ اسان جي سنڌو درياءَ جي پيٽ مان واري اڏامي رھي آھي ھن وڌيڪ چيو ته ھن وقت اسين گڊو بئراج جي پل تي بيٺا آھيون، گڊو بيئراج سنڌو درياءَ تي اڏيل پھرين بيئراج آھي جتان سنڌو درياء سنڌ ۾ داخل ٿئي ٿو پر افسوس ھتي رڳو واري ئي واري اڏامي رھي آھي، ھن وڌيڪ چيو ته گڊو جي پيٽ ۾ ئي پاڻي نه آهي سنڌ پاڻي لاءِ سِڪي رھي آھي ان حالات ۾ سنڌو درياءَ تي ڌاڙو ھڻي 6 ڪينال ڪڍڻ جو مقصد سنڌ دشمني آهي، ھن وڌيڪ چيو ته وفاق کي سنڌ دشمن فيصلا واپس وٺڻ گهرجن، سنڌ مضبوط ھوندي ته ملڪ مضبوط ھوندو، پر وفاق پاڻي تي ڌاڙو هڻي سنڌ جي ھارين، مزدورن ۽ ملاحن جو قتلام ڪرڻ چاھي ٿي، ھن وڌيڪ چيو ته اسان کي بيوقوف بڻائڻ ڪوڙ ڳالهائي چون ٿا تہ چولستان کي فلڊ يا برسات جي پاڻي مان آباد ڪيو ويندو پر ياد رکو فلڊ جي صورتحال ڏھاڪا ورھين بعد ممڪن آهي اسان پاڻي تي ڌاڙو ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪنداسين پنهنجي جان جي قرباني ڏيڻ لاءِ تيار آھيون ھنن وڌيڪ چيو ته عالمي، شرعي، آئيني ۽ تاريخي قانون جي لحاظ کان سنڌو درياءَ تي سنڌ وارن جو حق آھي، ان ڪري پنجاب ڪوبه ڊيم ڪينال يا بند نٿو ٺاھي سگھي، ڪارپوريٽ فارمنگ لاءِ زمين عسڪري ادارن کي SIFC جي تحت ملٽي نيشنل ڪمپنين کي ڏئي سنڌ تي ڌاڙو ھنيو وڃي ٿو، ھنن وڌيڪ چيو ته تہ سنڌو تي ڪينال ٺاھڻ سان ھارين، آبادگارن ۽ مھاڻن جو معاشي قتلام سان گڏ سنڌو دريا جو سارو ايڪو سسٽم ختم ٿي ويندو ان چيو تہ 176 ڪلوميٽر ڊگھو چولستان ڪينال ٺاھي چولستان ڪينال لاءِ 750 ملين ڊالر مختص ڪيا ويا آھن ۽ 60 لک ايڪڙ ريگستان جي زمين آباد ڪرڻ سان سنڌ جو لکين ايڪڙ زمين بنجر بڻجي ويندي.ان ڪري ڪينالن جي منصوبي کي فورن دفنايو وڃي. اسٽبلشمينٽ ۽ حڪمران سنڌ ۾ خيبرپختونخواه ۽ بلوچستان وانگر بغاوت تي مجبور نہ ڪن، ھنن وڌيڪ چيو ته ڪورٽ آف انٽرنيشنل جسٽس پاڻي جي ورھاست تي فيصلو ڏنو ھو تہ پاڻي تي پھريون حق ھيٺين جو آھي ۽ شرعي لحاظ کان دريا تي پڇڙي وارن جو پھريون حق آھي، 1935 ۾ گورنمنٽ آف انڊيا ايڪٽ تحت مھڙ وارن کي حق ناھين تہ ھيٺين کي نقصان پھچائن، ان ڪري سنڌو پھريون حق سنڌ جو آھي، جڏهن ته خطاب ڪرڻ بعد جي يو آئي سنڌ جو امير عبدالقيوم ھاليجوي، علامه راشد محمود سومرو ۽ ٻيا سکر بيئراج تي لڳل ڌرڻي ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ روانا ٿي ويا جنهن بعد ڌرڻي کي جي يو آئي ڪنڌڪوٽ ۽ ڪشمور جي صدر مولانا شمس الدين ڀيري، گھوٽڪي ضلعي جي صدر حافظ سراج احمد چنہ، ضلعي سيڪريٽري جنرل جمال الدين اوڳاھي، بشير احمد شر، مولانا نعيم الله لغاري ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو جڏهن ته 4 ڪلاڪ گذرڻ بعد ڌرڻو ختم ڪيو ويو..