ڪشمور سنڌ بار ڪائونسل جي صدر ايڊووڪيٽ عبدالغني بجاراڻي جي اڳواڻي ۾ سياسي سماجي سول سوسائٽي ۽ قوم پرست پارٽين جي اڳواڻن جو سنڌو درياهه مان 6 نوان ڪئنال اڏڻ خلاف ڊيرا موڙ سنڌ پنجاب جي دنگ تي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو ھڻي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو، روڊ بلاڪ ھجڻ ڪري سنڌ پنجاب بلوچستان ڏانهن ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل ٿي وئي گاڏين جون ڊگهيون قطارون لڳي ويون، ٽريفڪ ۾ ڦاٿل مسافرن کي ڪھر جي گرمي ۾ پريشانين کي منهن ڏيڻو پئجي ويو، تفصيل موجب ڪشمور سنڌ پنجاب جي دنگ ڊيرا موڙ تي سنڌ بار ڪائونسل جي صدر ايڊووڪيٽ عبدالغني بجاراڻي جي اڳواڻي ۾ سياسي سماجي سول سوسائٽي قوم پرست پارٽين جي اڳواڻن پاران سنڌو درياهه مان 6 نوان ڪئنال اڏڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو ھنيو ويو، ڪينال سمورا نامنظور سنڌو تي ڌاڙو نامنظور، پنجاب توسان سنڌو خاطر جھيڙو آ جا اڀ ڏاريندڙ ن…