سنڌو درياءُ بچايو تحريڪ ريلي ھزارين گاڏين جي قافلي سان ايس يو پي جي مرڪزي صدر سيد زين شاه جي اڳواڻيءَ ۾ سڪرنڊ کان حيدرآباد رواني. سڪرنڊ ۾ مختلف هنڌن تي اجرڪون اوڍائي ۽ گلابن جي پتين جي ورکا ڪري سيد زين شاه جو استقبال ڪيو ويو. سنڌوءَ تي ڌاڙو نا منظور، تو سنڌ کپائي زرداري، سنڌو اسان جو ساھ آ، جي نعرن سان ريلي حيدرآباد ۾ رٿيل احتجاج ۾ شرڪت لاءِ رواني ٿي وئي. ان موقعي تي سيد زين شاه ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته پيپلز پارٽي اقتدار جي لالچ ۾ سنڌ جي زمينن، وسيلن ۽ سنڌوءَ جو سودو ڪري ڇڏيو آهي. اگر هو سنڌ سان سچا آهن ته صدر زرداريءَ پاران 8 جولاءِ 2024 تي ڏنل منظوري واپس وٺن. هن چيو ته سنڌ جو عوام پنهنجو درياھ بچائڻ لاءِ رستن تي نڪري چڪو آهي ۽ پيپلز پارٽيءَ جي دوکي کي سمجهي چڪو آهي. هن چيو ته سنڌي ماڻھو اهو به سمجهن ٿا ته سنڌوءَ مان ڪئنال ڪڍي، سرسبز سنڌ کي سڪائڻ ۾ پيپلز پارٽي شامل آهي. انهن کي هاڻ اقتدار کان الڳ ٿي چٽو موقف رکڻو پوندو ۽ عوام سان جدجهد ۾ گڏ بيهڻو پوندو. باقي عوام انهن جي ٻٽي پاليسي کي رد ڪري چڪو آهي. هن چيو ته درياءُ بچايو تحريڪ ڪئنالن جي فيصلي واپس وٺڻ تائين جاري رهندي. ايس يو پي اڳواڻ سيد زين شاهه سان جي ڊي اي جو مرڪزي اڳواڻ صفدر عباسي، قومي عوامي تحريڪ جو مرڪزي جنرل سيڪريٽري مظھر راهوجو پڻ گڏ ھئا.