سکر، سنڌ: سنڌو درياءَ ۾ پاڻي جي وهڪرن ۾ واڌ جو سلسلو جاري آهي، جتي گڊو، سکر ۽ ڪوٽڙي بئراجن وٽ ٻوڏ جا وهڪرا برقرار آهن. گڊو بئراج وٽ 24 ڪلاڪن دوران پاڻي جي آمد 5,02,861 ڪيوسڪ ۽ نيڪال 4,75,970 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو آهي، جڏهن ته 24 ڪلاڪن دوران معمولي فقط 17 ڪيوسڪ واڌ ڏٺي وئي آهي، جيڪا وچولي سطح جي ٻوڏ جو اشارو آهي. سکر بئراج وٽ 24 ڪلاڪن دوران 40,580 ڪيوسڪ واڌ رڪارڊ ڪئي وئي، جنهن سان پاڻي جي آمد 4,40,985 ڪيوسڪ ۽ نيڪال 4,12,735 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو. ڪوٽڙي بئراج تي به ننڍي ٻوڏ جا وهڪرا برقرار آهن، جتي 24 ڪلاڪن دوران 4,609 ڪيوسڪ واڌ ٿي آهي. ڪوٽڙي بئراج وٽ پاڻي جي آمد 2,57,754 ڪيوسڪ ۽ نيڪال 2,54,354 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪئي وئي. محڪمه اطلاعات سنڌ جي مطابق، عوام کي خبردار ڪيو ويو آهي ته پاڻي جي وهڪرن ۾ واڌ جاري آهي، ۽ تمام ضروري احتياطي تدبيرون اپنائيون وڃن.