سنڌو درياءَ ۾ پاڻي جي سطح ۾ واڌ، وڏي وزير مراد علي شاهه جو گڊو بيئراج جو دورو

سنڌو درياءَ ۾ چاڙھ جو سلسلو جاري آهي، گڊو بيئراج وٽ پاڻي جا وھڪرا وڌي 6 لک 33 ھزار 508 ڪيوسڪ ٿي ويا آهن، آبپاشي کاتي پاران ٽئين ڏينهن به وڏي ٻوڏ ڊڪليئر ڪئي وئي آهي. پاڻي جي سطح ۾ تيزي سان ٿيندڙ واڌ سبب هاڻي مھا وڏي ٻوڏ ڊڪليئر ٿيڻ جا امڪان وڌي ويا آهن. هن وقت گڊو بيئراج وٽ مٿانهون وهڪرو 6 لک 33 ھزار 508 ڪيوسڪ ۽ ھيٺانھون وهڪرو 6 لک 3 ھزار 988 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو آهي.ساڳئي وقت سکر بيئراج وٽ به پاڻي جي سطح ۾ مسلسل چاڙھ جاري آهي، جتي وهڪرا 5 لک 6 ھزار 560 ڪيوسڪ ۽ ھيٺانھون وھڪرو 4 لک 55 ھزار 510 ڪيوسڪ رڪارڊ ٿيو آهي. هتي وچين درجي جي ٻوڏ ڊڪليئر ٿيل آهي. ڪوٽڙي بيئراج وٽ به پاڻي وڌي رهيو آهي، جتي مٿانهون وهڪرو 2 لک 78 ھزار 786 ڪيوسڪ ۽ ھيٺانھون وھڪرو 2 لک 67 ھزار 631 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو آهي.دوسري طرف ھيڊ پنجند وٽ پاڻي جي وھڪرن ۾ وڏي لاٿ رڪارڊ ڪئي وئي آهي، جتي مٿانهون ۽ ھيٺانھون وھڪرو 3 لک 95 ھزار 761 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو آهي. آبپاشي کاتي پنجند وٽ مھا وڏي ٻوڏ ختم ڪري وچين درجي جي ٻوڏ ڊڪليئر ڪئي آهي.گڊو بيئراج وٽ پاڻي جي سطح ۾ واڌ سبب بچاءُ بندن تي پاڻي جو دٻاءُ وڌي ويو آهي، جنهن ڪري ڪچي جا ڪيترائي ڳوٺ پاڻي هيٺ اچي ويا آهن ۽ سوين ايڪڙن تي بيٺل فصل تباھ ٿي ويا آهن. ڳوٺاڻن جو چوڻ آهي ته راتين جو به پاڻي جي لهرائن جو خوف هوندو آهي ۽ ٻچڙن سميت هو کليل آسمان هيٺ ويهڻ تي مجبور آهن.پاڻي جي واڌ کان پوءِ سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه ٻيون ڀيرو گڊو بيئراج پهچي ويو. هن کي آبپاشي وزير ڄامBخان شورو پاڻي جي وهڪرن ۽ بيئراج بابت بريفنگ ڏني. وڏي وزير ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو:“چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري اڳ ئي واضح ڪيو آهي ته بي آءِ ايس پي ذريعي سيلاب متاثرن تائين امداد پهچائي ويندي. ملڪ ۾ جيڪا ٻوڏ واري صورتحال آهي، ان جا ذميوار دنيا جا ترقي يافته ملڪ آهن، ۽ وفاقي حڪومت گڏيل قومن کان مدد جي اپيل ڪري رهي آهي. گڊو بيئراج تي صورتحال نارمل آهي، اسان جو اندازو آهي ته 7 لک ڪيوسڪ پاڻي گذرندو، پر خطري جو ڪو امڪان ناهي.”هن وڌيڪ چيو ته سڀني بيئراجن جي حفاظتي بندن تي ھيوي مشينري موجود آهي، آبپاشي کاتو ۽ ڊزاسٽر مينيجمينٽ وڏو ڪم ڪري رهيا آهن، ۽ ڪوشش اها آهي ته جاني نقصان نه ٿئي. ڪچي ۾ رهندڙ ماڻهن لاءِ دوائون ۽ ٻيون سهولتون مهيا ڪيون پيون وڃن.وڏي وزير وڌيڪ چيو ته: “سنڌ جا ماڻهو وڏي بهادري سان هن صورتحال کي منهن ڏئي رهيا آهن. حڪومت سان گڏ پاڪ فوج، ادارا ۽ ميڊيا به گڏ بيٺا آهن. هي وقت آهي ته اسين سڀ گڏجي متحد ٿي ڪم ڪريون.”