گمبٽ (رپورٽ) سنڌو درياءَ ۾ چاڙھ سبب گمبٽ تعلقي جو ڪچو ڏيڍ مهيني دوران ٽيون ڀيرو ٻڏي ويو آهي، پاڻي جو دٻاءُ بچاءُ بندن تي وڌي ويو آهي، جڏهن ته سوين ڳوٺ، 47 سرڪاري اسڪول، 5 ٿاڻا ۽ هزارين ايڪڙ فصل پاڻي هيٺ اچي ويا آهن. ٻوڏ سبب رهواسين جو پڪي سان زميني رابطو به مڪمل طور ڪٽجي ويو آهي.پاڻي جي گهيري هيٺ آيل ڳوٺن ۾ لعل ڪنڀر، مياڻي، محمد حسن خواجه، شفيع محمد شاھاڻي، جلال مڱڻيجو، گلو سيال، خاوند ڏنو ناريجو، ڪُڙيا، کرل آباد، ڦُلو، ملان جا پِڙ، عبدالله جوڌ، خانڻ ناريجو، ابراهيم جوڌ، محمد صالح کهڙو، آچر جتوئي، عثمان ناريجو، آدم خان ڪلهوڙو، صادق ڪلهوڙو، ڪيٽي فتو سيال، ڪيٽي ممتاز ڀٽو ۽ ڪيترائي ٻيا ڳوٺ شامل آهن.متاثر علائقن ۾ قائم 47 اسڪول عارضي طور بند ڪيا ويا آهن، جنهن سبب سوين شاگردن ۽ نياڻين جي تعليم سخت متاثر ٿي آهي. ساڳئي وقت صادق ڪلھوڙو، گلو سيال، ڦُلو، محبوب ڪلھوڙو ۽ لانڍيون ٿاڻا به پاڻي ۾ اچي ويا آهن، جيڪي هاڻي عارضي طور بندن تي منتقل ڪيا ويا آهن.ٻي پاسي، انتظاميا جا دعوائون هجن باوجود ڪٿي به رهاڻ لاءِ ڪيمپون قائم نه ٿي سگهيون آهن ۽ نه ئي ڦاٿل ماڻهن کي ٻاهر ڪڍڻ لاءِ ٻيڙين جو بندوبست ڪيو ويو آهي. ڪيترائي ماڻهو چوپائي مال ۽ ٿورو گهڻو سامان کڻي پنهنجي مدد پاڻ تحت محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ٿي رهيا آهن، جڏهن ته ڪيترائي اڃا به ڦاٿل آهن.پاڻي ۽ برسات سبب ڪچي ۾ مليريا، ڊائريا، خارش ۽ ٻين بيمارين ۾ اضافو ٿي ويو آهي. بچاءُ بندن تي ميڊيڪل ڪئمپون قائم ته ڪيون ويون آهن پر پاڻي سبب روڊن ۽ رستن جي ٻڏڻ ڪري انهن تائين پهچڻ ڏکيو ٿي پيو آهي. علائقي جي ڳوٺن ۽ شهرن جو به زميني رابطو مڪمل طور تي منقطع ٿي ويو آهي.
ڇ