“سنڌو درياءَ ۾ گڊو ۽ سکر بيراج تي مٿانهين درجي جي ٻوڏ، ڪچي جا علائقا پاڻي هيٺ

فيڊرل فلڊ ڪميشن موجب درياءِ چناب ۾ پنجند وٽ هيٺاهين درجي جي ٻوڏ آهي ۽ پاڻي جي سطح گهٽجڻ جو سلسلو جاري آهي. وفاقي وزير معين وٽو چيو آهي ته تربيلا ڊيم 27 آگسٽ کان مڪمل ڀريل آهي، جڏهن ته منگلا ڊيم ۾ 96 سيڪڙو پاڻي ڀريل آهي ۽ اڃا به 4 فٽ جي گنجائش موجود آهي وفاقي وزير جو چوڻ آهي ته حڪومت جو ڌيان نقصانن جي جائزي ۽ متاثرن کي رليف ڏيڻ تي مرڪوز آهي، جنهن لاءِ امدادي سرگرمين ۾ تيزي آندي پئي وڃي. ٻئي طرف پي ڊي ايم اي ترجمان ٻڌايو آهي ته پنجاب جي دريائن ۾ پاڻي جو وهڪرو نارمل ٿي رهيو آهي. سنڌو درياءَ، جهلم ۽ راوي ۾ پاڻي جي سطح نارمل آهي، جڏهن ته چناب درياءَ ۾ مراله، خانڪي، قادرآباد ۽ تريمن وٽ به صورتحال بهتر ٿي وئي آهي. پنجند وٽ پاڻي جو وهڪرو گهٽجي هڪ لک 94 هزار ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو آهي. ستلج درياءَ ۾ گنڊا سنگهه وٽ وچولي درجي جي ٻوڏ، جڏهن ته سليمانڪي ۽ اسلام بيڊ ورڪس تي هيٺاهين درجي جي ٻوڏ آهي. ڊيره غازي خان وٽ ڪوبيون جو وهڪرو نارمل ٿي ويو آهي. ايندڙ 24 ڪلاڪن ۾ پنجاب جي مختلف ضلعن ۾ برسات جو امڪان آهي. سانوڻي برسات جو يارهون اسپيل 19 سيپٽمبر تائين جاري رهندو. راولپنڊي، مري، گليات، اٽڪ، چڪوال، جهلم، گجرانوالا، لاهور، گجرات، سيالڪوٽ، نارووال، حافظ آباد، منڊي بهاءُالدين، اوڪاڙه، ساهيوال، قصور، جهنگ، سرگودها ۽ ميانوالي ۾ برسات متوقع آهي.پي ڊي ايم اي موجب 18 ۽ 19 سيپٽمبر تي راولپنڊي، مري ۽ گليات جي ندي نالن ۾ پاڻي جي وهڪرن ۾ اضافي جو خطرو آهي، جڏهن ته سمورا ضلعا وزيراعليٰ پنجاب جي هدايتن تحت الرٽ آهن. شهري ايمرجنسي جي صورت ۾ هيلپ لائين 1129 تي رابطو ڪري سگهن ٿا.