حيدرآباد ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن ۾ سنڌو درياء تي ٺھندڙ ڇھن ڪئنالن ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ خلاف تقريب منقعد ڪئي وئي، تقريب ۾ ايس يو پي جي مرڪزي صدر ۽ سنڌو درياھ بچايو تحريڪ جي ڪنوينر سيد زين شاھ حيدرآباد ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن ۾ شرڪت ڪئي، سيد زين شاھ ڪئنالن ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ منصوبي جي خاتمي تائين جدوجھد جاري رکڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. تقريب ۾ حيدرآباد ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن جي وڪيلن کي خطاب ڪندي سيد زين شاهه چيو ته ڪارپوريٽ فارمنگ ۽ ڪينال منصوبي جي خاتمي تائين رابطا مھم ۽ بيداري مھم شروع ڪريون پيا، ڪينال منصوبا ختم ڪيا وڃن، ڪاميٽين جا ڊراما نه ڪيا وڃن، سنڌ جي ماڻھن جو ريفرينڊم اچي چڪو آھي، سنڌ جو ماڻھو ھاڻي ڌوڪي ۾ نه ايندو،توھان کي ڪينال ختم ڪرڻا پوندا ،ڪارپوريٽ فارمنگ منصوبي تحت ڪمپنين کي ڏنل زمينون واپس ورتيون وڃن. پرامن جدوجھد ڪري ڪارپوريٽ فارمنگ منصوبو ختم ڪرائينداسين،حڪومت سنجيده ھوندي تہ ڳالهين واري ڪميٽي سان معاملو نبيريندي. ايس يو پي سربراهه چيو ته اڄ وڪيلن جي گڏجاڻي آھي ڪئنالن ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ منصوبي جي مڪمل خاتمي تائين جدوجھد جاري رکي ويندي،وڪيلن کي ڪاميابي تي مبارڪون ڏيان ٿو، ايندڙ ٻن مھينن ۾ توھان کي رزلٽ نظر ايندي، ڪمپنين کي ڏنل زمينن جا انگ اکر ظاھر ڪيا وڃن، جيڪي زمينون سنڌ حڪومت ڪارپوريٽ فارمنگ لاء ڏنيون آھن اُھي واپس ڪيون وڃن، تقريب کي ھاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جي جنرل سيڪريٽري اسرار چانگ، ڪي بي لغاري، ڌڻي بخش سولنگي، امير آزاد پنھور، نويد جروار ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو، تقريب ۾ روشن ٻرڙو، رسول بخش لغاري، مختيار ميمڻ خدابخش ٿيٻو سميت وڏي انگ ۾ وڪيلن شرڪت ڪئي.