سنڌو درياهه مان 6 نوان ڪئنال ڪڍڻ خلاف پريالوءِ شهر ۾ سول سوسائٽي، واپاري برادري، شاگردن، استادن ۽ سياسي سماجي تنظيمن پاران احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، جيڪا شهر جي مک چوڪن کان ٿيندي ٻٻرلوءِ طرف رواني ٿي. ريلي جي شرڪت ڪندڙن هٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ کڻي “سنڌو درياهه تي ڌاڙو بند ڪريو”، “سنڌ جو پاڻي سنڌين جو آهي” جهڙا نعرا لڳايا. احتجاج ڪندڙن جو چوڻ هو ته سنڌو درياهه مان 6 نوان ڪئنال ڪڍڻ جو منصوبو سنڌ جي زراعت، ماحوليات ۽ پاڻي جي ورڇ لاءِ زهر قاتل ثابت ٿيندو. هنن مطالبو ڪيو ته وفاقي حڪومت فوراً هي منصوبو واپس وٺي ۽ سنڌ جي وسيلن تي ٿيندڙ زيادتين جو نوٽيس ورتو وڃي. ريلي ۾ مقامي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته جيڪڏهن سنڌو درياهه تي هٿ وڌائڻ جون ڪوششون بند نه ڪيون ويون ته احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو. هوڏانهن اها ريلي ٻٻرلوءِ پهچي اتي جي عوام سان به ملي وئي، جتي گڏيل جلسي ۾ اڳواڻن پاران سخت احتجاج جو اظهار ڪيو ويو.