سنڌو درياهه ۾ پاڻي جو وڏو ريلو، ايندڙ 48 ڪلاڪن ۾ سکر بئراج تائين پهچندو: ميئر سکر

ميئر سکر بيرسٽر ارسلان اسلام شيخ جو چوڻ آهي ته اڄ رات يا سڀاڻي صبح هڪ وڏو ريلو گڊو بئراج ۾ داخل ٿيندو، جيڪو ايندڙ 48 ڪلاڪن ۾ سکر بئراج تائين پهچندو. هن ٻڌايو ته هن وقت سنڌو درياهه ۾ پاڻي جي مقدار لڳاتار وڌي رهي آهي، جتي گڊو بئراج تي 5 لک کان وڌيڪ، سکر بئراج تي 4 لک کان وڌيڪ ۽ ڪوٽڙي بئراج تي اڍائي لک ڪيوسڪ کان وڌيڪ پاڻي موجود آهي. جيڪڏهن وهڪرو 7 لک ڪيوسڪ تائين پهتو ته اها صورتحال سپر هاءِ فلڊ جي شڪل اختيار ڪري سگهي ٿي. ميئر سکر موجب وڏي وهڪري جي ڪري لڳ ڀڳ 16 لک ماڻهن جي متاثر ٿيڻ جو خدشو آهي. بهرحال، اڃا تائين هڪ لک 60 هزار کان وڌيڪ ماڻهو پنهنجي مال مويشي سميت محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ٿي چڪا آهن ۽ انهن جي جانورن کي به ويڪسين ڏني وئي آهي. عوام لاءِ 528 رليف ڪيمپون قائم ڪيون ويون آهن، جڏهن ته مال مويشي لاءِ الڳ 111 ڪيمپون ٺاهي ويون آهن. هن ٻڌايو ته سنڌ حڪومت ۽ وڏي وزير صورتحال تي رات ڏينهن نظر رکي رهيا آهن ۽ سمورا قدم بلاول ڀٽو زرداري جي هدايتن تحت کنيا پيا وڃن. رليف ڪيمپن ۾ پاڻي، خوراڪ، ٽينٽ، مڇردانيو، هاءِ جين ڪٽس، اينٽي وينم ويڪسين، موبائل يونٽس، وينٽي ليٽر ۽ ٻيون ضروري سهولتون فراهم ڪيون ويون آهن. ريسڪيو ٽيمون، ڳري مشينري، هيلي ڪاپٽر ۽ ٻيڙيون به الرٽ ڪيون ويون آهن ته جيئن ڪنهن به هنگامي صورتحال کي منهن ڏئي سگهجي. ارسلان اسلام شيخ وڌيڪ چيو ته ڪجهه علائقن ۾ نقل مڪاني دوران مزاحمت ڏسڻ ۾ آئي آهي، تنهن ڪري عوام کي ميڊيا جي ذريعي اپيل آهي ته هو مڪمل تعاون ڪن. پنو عاقل ۾ بچاءُ بند لڳ ٻيڙي ڪلٽي ٿيڻ جو هڪ واقعو پڻ پيش آيو، جيڪو بغير اطلاع نقل مڪاني سبب ٿيو، پر خوش قسمتيءَ سان سمورا ماڻهو بچائي ورتا ويا.هن ٻڌايو ته جيڪڏهن بندن يا وهڪرن کي نقصان پهچڻ جي صورتحال پيدا ٿي ته متاثر ڳوٺن جي بچاءُ لاءِ اڳواٽ پلان موجود آهي. سنڌ حڪومت صوبي ۾ زرعي ايمرجنسي به نافذ ڪري ڇڏي آهي ته جيئن فصلن کي وڌيڪ نقصان کان بچائي سگهجي. ان کان علاوه برساتن سبب متاثر ماڻهن جي بحالي لاءِ 21 لک گهرن جو پاڪستان جو پهريون وڏو منصوبو تيار ڪيو ويو آهي، جنهن تحت عورتن کي مالڪاڻا حق به ڏنا ويندا.آخر ۾ ميئر سکر عوام کي اپيل ڪندي چيو ته افواهن تي ڌيان نه ڏين، مڪمل اطمينان رکن ۽ ڪنهن به هنگامي صورتحال ۾ فوري طور لاڳاپيل ادارن کي اطلاع ڏين، ڇو ته عوام جي جان ۽ مال جو تحفظ حڪومت جي پهرين ترجيح آهي.