سنڌي اسيمبلي اجلاس: شڪراني جي ڏهاڙي تي پاڪ فوج کي ڀيٽا وارو قرارداد پيش

 سنڌ اسيمبليءَ ۾ شڪراني جي ڏهاڙي جي موقعي تي پاڪ فوج کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ قرارداد پيش ڪيو ويو. صحت واري صوبائي وزير ڊاڪٽر عذرا فضل پيچوهو اسيمبليءَ ۾ قرارداد پيش ڪندي چيو ته “آپريشن بنيان مرصوص” جي ڪاميابي سان پاڪستان جي تاريخ ۾ هڪ نئون سنهرو باب شامل ٿيو آهي، جنهن تي اسان پنهنجي بهادر فوجن کي ڀيٽا پيش ڪريون ٿا. قرارداد ۾ چيو ويو آهي ته زميني، سامونڊي ۽ هوائي فوج جي ڀرپور ڪارروائيءَ سان دشمن کي نه رڳو منهن ٽوڙ جواب ڏنو ويو، پر ڀارت کي تاريخي شڪست پڻ ملي.