سنڌ جي آبپاشي وزير ڄام خان شورو جو ڪوٽڙي بيراج تي دورو، ٻوڏ صورتحال تي سخت نگراني جي هدايت

سنڌ جي آبپاشي واري کاتي جو صوبائي وزير ڄام خان شورو ڪوٽڙي بيراج جو دورو ڪيو، جتي هن موجوده ٻوڏ جي صورتحال کي نظر ۾ رکندي سنڌو درياهه ۽ بچاءَ بندن جو جائزو ورتو. ان موقعي تي سيڪريٽري آبپاشي ظريف اقبال کھیڙو، چيف انجنيئر ۽ ٻيا لاڳاپيل آفيسر پڻ ساڻس گڏ هئا۔ وزير ڄام خان شورو جامشورو فرنٽ بند جو جديد ٿري ڊي ميپنگ ۽ جديد سسٽم ذريعي جائزو ورتو ته جيئن بند جي جوڙجڪ ۽ پاڻي جي وهڪري بابت صحيح ڄاڻ حاصل ڪري سگهجي. ان دوران چيف انجنيئر صوبائي وزير کي تفصيلي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته 19 ۽ 20 سيپٽمبر دوران ڪوٽڙي بيراج وٽ 4 لک کان ساڍا 4 لک ڪيوسڪ پاڻي پهچڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته هن وقت پاڻي جو وهڪرو لڳ ڀڳ 3 لک ڪيوسڪ آهي۔ ڄام خان شورو چيو ته موجوده وقت ڪوٽڙي بيراج تي وچولي درجي جو ٻوڏ آهي پر في الحال ڪو به خطرو موجود ناهي. صورتحال تي سخت نگراني جاري آهي ۽ سمورا آفيسر الرٽ آهن. هن وڌيڪ چيو ته جديد يڪنالاجي ذريعي زمين جي پروفائلنگ ۽ ڪمپريشن بابت درست ڊيٽا ملي رهي آهي، جنهن سان بندن جي مضبوطائي ۽ پاڻي جي وهڪري جي انتظام ۾ وڌيڪ بهتري ايندي۔ صوبائي وزير چيو ته سنڌ حڪومت هر ممڪن طريقي سان ٻوڏ جي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار آهي، جنهن ۾ بندن جي 24 ڪلاڪ نگراني، فوڪل پرسنز جي مقرري، ريسڪيو ۽ رليف آپريشن شامل آهن. هن ٻڌايو ته وزيراعليٰ سنڌ جي هدايتن تحت سڀ لاڳاپيل ادارن کي تيار رهڻ جا حڪم جاري ڪيا ويا آهن ته جيئن هر ممڪن خطري کي اڳواٽ روڪي سگهجي. ڄام خان شورو عوام کي يقين ڏياريو ته سنڌ حڪومت ٻوڏ متاثر علائقن ۾ هر قسم جي مدد فراهم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي ۽ عوام جو تحفظ حڪومت جي پهرين ترجيح آهي۔