سنڌ جي مختلف شهرن ۾ تيز هوائن سان برسات، بجلي بند، پاڻي گڏ ٿيڻ سبب شهري پريشان

حيدرآباد / ڪراچي / تلهار / شهدادڪوٽ / ميرپورخاص (نمائندن وٽان) سنڌ جي مختلف شهرن ۾ تيز هوائن سان گڏ برسات جو سلسلو جاري آهي، جنهن سبب ڪيترن ئي علائقن ۾ پاڻي گڏ ٿي ويو آهي، جڏهن⁠ته بجلي جي فراهمي معطل ٿيڻ ڪري شهري ۽ ڪاروباري زندگي مفلوج ٿي وئي آهي. حيدرآباد ۾ 20 ڪلاڪن کان پوءِ گجگوڙ سان تيز برسات وسڻ سبب ڪيترن ئي علائقن ۾ بجلي بند ٿي وئي، روڊن ۽ گهٽين ۾ پاڻي بيهي رهڻ ڪري ڪاروبار متاثر ٿيو، پر موسم خوشگوار ٿي ويو. ڪراچي ۾ به رات کان وقفي وقفي سان برسات جاري آهي، روڊن تي پاڻي گڏ ٿيڻ ۽ بجلي بند ٿيڻ ڪري شهري ڏکيائين کي منهن ڏئي رهيا آهن. قمبر شهدادڪوٽ ۾ برسات سبب موسم خوشگوار ٿي ويو، پر بجلي معطل ٿي وئي. تلهار ۾ تيز هوائن سان گڏ زوردار برسات سبب هيٺاهين علائقا پاڻي هيٺ اچي ويا، جڏهن⁠ته مقامي آبادگارن کي خدشو آهي ته فصلن کي نقصان پهچي سگهي ٿو. ميرپورخاص ۾ برسات کان پوءِ ڪيترائي علائقا پاڻي هيٺ اچي ويا آهن، جتي يوسي انتظاميا پاڻي نيڪال ڪرڻ ۾ ناڪام رهي. لالچند آباد، مصطفيٰ ٽائون، فيصل ٽائون، غريب آباد ۽ ٻين علائقن ۾ گهٽيون ۽ رستا پاڻي ۾ ٻڏل هجڻ سبب رهواسي گهرن تائين محدود ٿي ويا آهن. علائقي واسين انتظاميا کان مطالبو ڪيو آهي ته فوري طور تي پاڻي نيڪال ڪري کين ريليف فراهم ڪيو وڃي.