سنڌ جي مختلف شهرن ۾ سخت گرمي جي لهر جاري، موسميات کاتي مئي جي پهرين هفتي ۾ برسات جو امڪان ظاهر ڪري ڇڏيو

سنڌ جي مختلف شهرن ۾ سخت گرمي جي لهر جاري آهي، انهي حوالي سان موسميات کاتي اڳڪٿي ڪندي چيو آهي ته  ڪجهه ڏينهن گرمي رهڻ کان پوءِ مئي جي پهرين هفتي ۾ برسات جو امڪان آهي. موسميات کاتي موجب سنڌ جي مختلف شهرن کي سخت گرمي کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. ڪراچي ۾ به ايندڙ ڪجهه ڏينهن کان موسم گرم ۽ وچولو رهڻ جو امڪان آهي جڏهن ته اڄ ۽ سڀاڻي شهر ۾  وقفي وقفي سان تيز هوائون هلنديون رهنديون. موسميات کاتي موجب پهرين مئي تي مغربي هوائن جو سلسلو ملڪ جي مٿانهين علائقن تي اثر انداز ٿي سگهي ٿو، مغربي هوائن جو اهو سسٽم 5 مئي تائين ملڪ تي اثر انداز رهندو. موسميات کاتي موجب مغربي هوائن جو سسٽم ملڪ جي مٿانهين علائقن ۾ برسات جو سبب بڻجي سگهي ٿو. سسٽم جي ڪجهه اثرن سبب سنڌ ۾ به برسات پئجي سگهي ٿي جنهن سبب 2 کان 3 مئي جي دوران سنڌ ۾ ڪجهه هنڌن تي برسات ٿي سگهي ٿي.