سنڌ: جي مڪاني کاتي واري وزير سيد ناصر حسين شاهه چيو آهي ته جڏهن ملڪ جا فيصلا من پسند ماڻهن جي خواهشن تي ٿيندا ته  سوال ته اٿندا،چيف جسٽس کي گزارشآھي ته هو لارجر بينچ جوڙي جيئن ان بينچ جي فيصلي کي سڀ قبول ڪن۔ اهڙن خيالن جو اظهار هن روهڙي ۾ ڪيٽل ڪالوني جي افتتاحي تقريب کي خطاب ۽ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو صوبائي وزير وڌيڪ چيو ته اسان سڀني کي پنهنجي انا ڇڏي ملڪ جي ڀلائي لاءِ سوچڻ گهرجي ۽ پنهنجي ادارن جي تقدس جو به خيال رکڻ گهرجي،عدليا ۽ پارليامنٽ کي پهنجو پهنجو ڪم ڪرڻ

سنڌ: جي مڪاني کاتي واري وزير سيد ناصر حسين شاهه چيو آهي ته جڏهن ملڪ جا فيصلا من پسند ماڻهن جي خواهشن تي ٿيندا ته  سوال ته اٿندا،چيف جسٽس کي گزارشآھي ته هو لارجر بينچ جوڙي جيئن ان بينچ جي فيصلي کي سڀ قبول ڪن۔ اهڙن خيالن جو اظهار هن روهڙي ۾ ڪيٽل ڪالوني جي افتتاحي تقريب کي خطاب ۽ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو صوبائي وزير وڌيڪ چيو ته اسان سڀني کي پنهنجي انا ڇڏي ملڪ جي ڀلائي لاءِ سوچڻ گهرجي ۽ پنهنجي ادارن جي تقدس جو به خيال رکڻ گهرجي،عدليا ۽ پارليامنٽ کي پهنجو پهنجو ڪم ڪرڻ گھرجي عدالت مان عوام انصاف جي اميد رکيٿو۔ عدالتي نظام تي هن چيو ته 3 رڪني بينچ جي فيصلي تي سڀني کي اعتراض آهي، ان ڪري لارجر بينچ ٺاهڻ ۾ ڪو مسئلو ناهي، آئين موجب پارليامينٽ سپريم آهي ۽ سپريم ڪورٽ صحيح فيصلا ڪري ته بهتر ٿيندو، هن چيو ته پيپلز پارٽي انتقامي سياست تي يقين نٿي رکي، اسان جي 80 هزار ڪارڪنن کي ڪوڙا هنيا ويا ۽ اسان جي اڳواڻن کي جيلن ۾ رکيو ويو، هن چيو ته جيل ۾ ڪنهن به سياسي اڳواڻ سان بدتميزي نه ڪئي پئي وڃي. علي زيدي کان پڇيو ته علي امين گنڊاپور به اسان جو مهمان آهي، هن چيو ته پي ڊي ايم شروع کان ئي ڳالهين جي ڳالهه ڪئي، اهو لاڏلو هو جيڪو ڳالهائڻ لاءِ تيار نه هو، ان ڪري هاڻي پي ڊي ايم ڳالهين ۾ شامل ڪجهه پارٽيون ان تي اعتراض ڪري رهيون آهن. ۽ مشروط ڳالهين جي مخالفت ڪري رهيا آهيون، هن چيو ته باجوه ادارن جي دٻاءُ باوجود عمران خان جو ڀرپور ساٿ ڏنو، اتحادي پارٽين به عمران خان جو ساٿ ڏنو،  عمران خان ٻڌائي ته سندس دور ۾ ڊالرن جي برسات ڪهڙي ٿي. سندس حڪومت جو قرض وڌيڪ هو جو ماضيء ۾ ڪنهن به حڪومت ايترو قرض نه ورتوهو ،ناصر شاھ وڌيڪ  چيو ته روهڙي ۾ ڪيٽل ڪالوني جو قيام شهر جي لاءِ اهم آهي، شهر ۾ ميهن جي واڙن سبب شهري سخت پريشاني جو شڪار آهن. هي ڪيٽل ڪالوني 40 ڪروڙ روپين جي لاڳت سان تيار ڪئي ويندي ، ان موقعي تي قومي اسيمبلي جو ميمبر نعمان اسلام شيخ ۽ ٻيون سياسي سماجي شخصيتون پڻ موجود هئا۔