ڪراچي :۽ حيدرآباد سميت سنڌ جي 24 ضلعن جي 63 سيٽن تي مڪاني چونڊن لاءِ پولنگ جو وقت ختم ٿي ويو. پولنگ جو عمل صبح اٺين وڳي کان شام پنجين وڳي تائين جاري رهيو جيئن پولنگ اسٽيشن جي حدن ۾ موجود ماڻهو پنهنجو ووٽ ڪاسٽ ڪري سگهن.
ڪراچي جي 7 ضلعن ۾ 11 يوسيز ۽ 15 وارڊز جي 26 سيٽن تي جڏهن ته ٻين 17 ضلعن ۾ 37 سيٽن تي پولنگ ٿي. ان موقعي تي ڪراچي ۾ پوليس جي 7 هزار کان وڌيڪ اهلڪارن سيڪيورٽي جا فرض ادا ڪيا. جڏهن ته 24 ضلعن ۾ 292 پولنگ اسٽيشن انتهائي حساس ۽ 157 حساس قرار ڏنا ويا هئا.
جيڪب آباد، ڪشمور، شڪارپور، نوابشاهه، سانگهڙ، مٽياري، ٽنڊوالهيار ۽ ڄامشورو ۾ هڪ هڪ سيٽ تي پولنگ ٿي جڏهن ته گهوٽڪي، سکر، خيرپور، بدين ۽ سجاول ۾ ٻن ٻن سيٽن تي چونڊون ٿيون.