سنڌ :جي 24 ضلعن ۾ مڪاني چونڊن لاءِ پولنگ جو عمل جاري

ڪراچي: ۽ حيدرآباد سميت سنڌ جي 24 ضلعن جي 63 سيٽن تي مڪاني چونڊن لاءِ پولنگ جو عمل جاري آهي. پولنگ جو عمل صبح اٺين وڳي کان شام پنجين وڳي تائين جاري رهندو.ڪراچي جي 7 ضلعن ۾ 11 يوسيز ۽ 15 وارڊز جي 26 سيٽن تي جڏهن ته ٻين 17 ضلعن ۾ 37 سيٽن تي پولنگ ٿي رهي آهي.ان موقعي تي ڪراچي ۾ پوليس جا 7 هزار کان وڌيڪ اهلڪار سيڪيورٽي جا فرض انجام ڏيندا جڏهن ته 24 ضلعن ۾ 292 پولنگ اسٽيشن انتهائي حساس ۽ 157 حساس قرار ڏنا ويا آهن.جيڪب آباد، ڪشمور، شڪارپور، نوابشاهه، سانگهڙ، مٽياري، ٽنڊوالهيار ڄامشورو ۾ هڪ هڪ سيٽ تي پولنگ ٿيندي جڏهن ته گهوٽڪي، سکر، خيرپور، بدين ۽ سجاول ۾ ٻن ٻن سيٽن تي چونڊ ٿيندي.نوشهروفيروز، دادو ۽ ٺٽي ۾ ٽن ٽن سيٽن تي جڏهن ته حيدرآباد مڪاني چونڊن جي سلسلي ۾ 10سيٽن تي ووٽ وڌا ويندا.ياد رهي ته ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جي ميمبر، چيئرمين، وائيس چيئرمين ۽ جنرل ڪائونسل جي سيٽن تي اميدوارن جي لاڏاڻي سميت ٻين سببن جي ڪري چونڊون نه ٿي سگهيون هيون.