سنڌ حڪومت عيدالفطر جي موڪلن جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي جنهن جو نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو ويو آهي. چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب عيدالفطر تي 3 موڪلن جو اعلان ڪيو ويو آهي جيڪي سومر 31 مارچ کان اربع 2 اپريل تائين هونديون، انهي دوران سموريون سرڪاري ۽ نيم سرڪاري آفيسون بند رهنديون. ياد رهي ته انهي کان اڳ وفاقي حڪومت طرفان به عيدالفطر تي 3 موڪلن جو اعلان ڪيو ويو هو. ٻئي طرف عيدالفطر جو چنڊ ڏسڻ لاءِ مرڪزي رويت هلال ڪميٽي جو اجلاس 30 مارچ تي اسلام آباد ۾ طلب ڪيو ويو آهي جڏهن ته موسميات کاتي 30 مارچ تي چنڊ نظر اچڻ جو واضح امڪان ظاهر ڪيو آهي.