سنڌ حڪومت 12 ربيع الاول تي عام موڪل جو اعلان ڪري ڇڏيو، نوٽيفڪيشن جاري

سنڌ حڪومت 12 ربيع الاول عيد ميلادالنبي صه جي موقعي تي عام موڪل جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.سنڌ حڪومت طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب 17 سيپٽمبر اڱاري جي ڏينهن 12 ربيع الاول تي سموري صوبي ۾ عام موڪل هوندي، انهي موقعي تي صوبي جا سمورا تعليمي ادارا ۽ سرڪاري آفيسون بند رهنديون.ياد رهي ته انهي کان اڳ پنجاب حڪومت ۽ وفاقي حڪومت به 17 سيپٽمبر 12 ربيع الاول تي عام موڪل جو اعلان ڪري چڪي آهي.