حيدرآباد: سنڌ سميت سموري ملڪ ۾ اڄ عيدالفطر مذهبي جوش ۽ جذبي سان ملهائي پئي وڃي، عيدالفطر جي مناسبت سان سموري ملڪ ننڍين وڏين مسجدن ۾ عيد گاهن ۾ عيد نماز جا اجتماع ٿيا، جنهن ۾ عالمن عيد جي خطبن ۾ امن ۽ ڀائيچاري جو درس ڏنو، جڏهن ته ملڪ جي خوشحاليءَ، ايڪي جون دعائون پڻ گهريون ويون.اسلام آباد، ڪراچي، لاهور، پشاور، ڪوئيٽا، حيدرآباد، سکر، لاڙڪاڻي، نوابشاهه، ميرپورخاص، ٺٽي سميت هر ننڍي وڏي شهر جي مسجدن، امام بارگاهن ۽ عيدگاهن ۾ عيد جي نماز ادا ڪئي وئي.صدر عارف علوي اسلام آباد جي فيصل مسجد ۾ ۽ وزيراعظم شهباز شريف لاهور ۾ عيد نماز ادا ڪئي.پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ڳڙهي خدابخش ۾ ۽ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري نوابشاهه ۾ عيد نماز ادا ڪئي، پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان زمان پارڪ ۾ عيد نماز ادا ڪئي.ان موقعي سيڪيورٽي جا انتهائي سخت انتظام ڪيا ويا هئا، مسجد، امام بارگاهن ۽ عيدگاهن توڙي عوامي هنڌن تي پوليس ۽ رينجرز جي اهلڪارن کي مقرر ڪيو ويو.