سنڌ سميت ملڪ جي مختلف شهرن ۾ پيئڻ جو پاڻي خطرناڪ حد تائين صحت لاءِ هاڃيڪار هجڻ جو انڪشاف

سنڌ سميت ملڪ جي 29 شهرن جو 61 سيڪڙو پاڻي خطرناڪ حد تائين صحت لاءِ هاڃيڪار هجڻ جو انڪشاف ٿيو آهي.آبي وسيلن واري وزارت طرفان قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪيل رپورٽ موجب سنڌ سميت ملڪ جي ڪيترن ئي شهرن ۾ پيئڻ جو پاڻي غير محفوظ آهي. ميرپورخاص، شهيد بينظير آباد ۽ گلگت ۾ پيئڻ جو پاڻي 100 سيڪڙو غير محفوظ آهي. جڏهن ته ڪراچي ۾ 93 سيڪڙو، ملتان ۾ 94 ۽ بدين ۾ 92 سيڪڙو پيئڻ جو پاڻي غير محفوظ آهي.رپورٽ موجب بهاوالپور ۾ 78، سرگودها 83 سيڪڙو، فيصل آباد 59 سيڪڙو، شيخوپوره ۾ 60 سيڪڙو پاڻي خطرناڪ آهي. ايبٽ آباد ۽ خضدار ۾ 55 سيڪڙو، لورالائي ۽ ڪوئٽه 59 سيڪڙو،  حيدرآباد 80، سکر 67 ۽ مظفر آباد ۾ 70 سيڪڙوپاڻي غير محفوظ آهي. پي سي آر ڊبليو آر باقاعدگي سان صوبن کي  سڄي ملڪ ۾ پاڻي جي نگراني جا نتيجا اماڻيندو آهي. 18هين ترميم کان پوءِ پيئڻ جي صاف پاڻي جي فراهمي ۽ معيار بهتر بنائڻ صوبن جي ذميواري آهي.