سنڌ :مان غربت، بي روزگاري ۽ معاشي بدحالي ختم ڪئي وڃي: آصف زرداري

ڪراچي: اڳوڻي صدر آصف زرداري سان گذريل ڏينهن سنڌ جي توانائي واري وزير امتياز شيخ سان ملاقات ٿي، جنهن ۾ ملڪي سياسي ۽ صورتحال ۽ ٻين معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.ان موقعي تي امتياز شيخ آصف علي زرداري کي عيد جون واڌايون پڻ ڏنيون.رپورٽن موجب ملاقات دوران اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو ته سنڌ مان غربت، بي روزگاري ۽ معاشي بدحالي جو خاتمو ڪيو وڃي.آصف زرداري توانائي واري صوبائي وزير کي هدايت ڪئي ته ڪوشش ڪريو سنڌ جي هر گهر ۾ سولر سسٽم لڳرايو، سولر سسٽم لڳڻ سان عوام کي بجلي جي ڳاٽي ٽوڙ بلن مان ڇوٽڪارو ملندو.سندس وڌيڪ چوڻ هو ته پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي قيادت ۾ ملڪ کي فلاحي رياست بڻائينداسين.