سنڌ هاءِ ڪورٽ اسحاق ڊار جي بطور ڊپٽي وزيراعظم مقرري جي خلاف درخواست کي فوري ٻڌڻي جي لاءِ منظور ڪري ورتو آهي.مسلم ليگ(ن) جي سينئر اڳواڻ اسحاق ڊار جي بطور نائب وزيراعظم مقرري جي خلاف درخواست سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ داخل ڪئي وئي جنهن تي چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ محمد شفيع صديقي ٻڌڻي ڪئي.ٻڌڻي دوران چيف جسٽس سوال ڪيو ته اوهان جو ڪهڙو بنيادي حق متاثر ٿي رهيو آهي؟ جنهن تي درخوستگذار جي وڪيل چيو ته آرٽيڪل 90 ۽ 91 جي تحت وفاقي حڪومت وزيراعظم ۽ ڪابينه ميمبرن تي ٻڌل هوندي آهي. آئين ۾ ڊپٽي وزيراعظم جو ڪوبه عهدو موجود نه آهي. ڊپٽي وزيراعظم نه سينيٽ ۽ نه وري پارليامينٽ آڏو جواب ڏئي سگهي ٿو.عدالت سوال ڪيو ته انهي کان اڳ پرويز الاهي به نائب وزيراعظم رهي چڪو آهي هي درخواست انهي کان مختلف آهي؟ جنهن تي وڪيل چيو ته پرويز الاهي جو 2013 جو نوٽيفڪيشن انهي کان مختلف هو، انهي نوٽيفڪيشن ۾ لکيو ويو هو ته نائب وزيراعظم، وزيراعظم جا اختيار استعمال نه ڪندو.چيف جسٽس سوال ڪيو ته پرويز الاهي جي مقرري جو نوٽيفڪيشن ۽ هاءِ ڪورٽس جي فيصلي جي ڪاپي پيش ڪئي وڃي. عدالت درخواستگذار کان سوال ڪيو ته درخواست ۾ اسحاق ڊار کي ڌر ڇو نه بنايو ويو؟ جنهن تي درخواستگذار جي وڪيل جواب ڏنو ته جيڪڏهن عدالت سمجهي ٿي ته ڌر بنائي ڇڏينداسين. جنهن کان پوءِ عدالت درخواست کي فوري ٻڌڻي جي لاءِ منظور ڪندي ڌرين کان ٻن هفتن کان جواب طلب ڪري ورتو