سنڌ پوليس عيدالفطر بابت سيڪيورٽي پلان جوڙي ڇڏيو

ڪراچي: سنڌ پوليس عيدالفطر بابت سيڪيورٽي پلان جوڙي ڇڏيو.آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ موجب ڪراچي ۾ عيد نماز لاءِ 4 هزار 242 هنڌ آهن، سنڌ ۾ 33 هزار 560 اهلڪار سيڪيورٽي فرض انجام ڏيندا، جن مان ڪراچي ۾ 9 هزار 825 اهلڪار سيڪيورٽي تي مقرر هوندا.هن چيو ته حيدرآباد ۾ 8 هزار 222، ميرپورخاص ۾ 1690 ۽ شهيد بينظير آباد ۾ 3 هزار 13 اهلڪار سيڪيورٽي تي مقرر هوندا، جڏهن ته لاڙڪاڻي ۾ 6 هزار 811 ۽ سکر ۾ 4 هزار جوان سيڪيورٽي جا فرض انجام ڏيندا.سندس چوڻ هو ته مسجدن، امام بارگاهن ۽ عيد نماز لاءِ کليل هنڌن تي سيڪيورٽي يقيني بڻائي وڃي.